ذڪريا شاهه

ذڪريا شاهه: هي سمن جي دور ۾ هڪ نالي وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن جو جنم بدين ۾ ٿيو. هي بدين واري شاهه رڪن الدين ۽ اڀن شاهه جو ڀاءُ هو. سندس والد جو نالو شيخ اسماعيل ۽ ڏاڏي جو نالو شاهه شهر الله روايت ڪيل آهي، جيڪي سڀئي صاحب اهل الله ليکيا وڃن ٿا. هيءُ بزرگ ’مانڌر جي پٽ‘ ۾ آرامي آهي. سندس درگاهه ذڪريا شاهه جي نالي سان مشهور آهي، جتي هر سال ميلو لڳي ٿو.


لفظ ذڪريا شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو